- Advertisement -
پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي پارليامينٽ ڇڏڻ سان ڪجهه نه ملي سگهندو، مظاهرن سان حڪومت ختم نه ٿيندي.
سکر ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو ته ملڪ وڌيڪ ڏڦيڙ برداشت نه ٿو ڪري سگهي.
هن چيو ته حڪومت جا 5 ٽريلين ڦاٿل آهن، وزيراعظم کي معاملو ڏسڻ گهرجي.
خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته جن ڪمپنين ڏانهن رهتون آهن، انهن وڏا وڪيل ڪيا آهن، سرڪار جو 60 هزار وارو وڪيل رڳو تاريخ وٺي سگهي ٿو.
پ پ اڳواڻ چيو ته ، ڪڻڪ ۽ کنڊ جا وڏا ذخيرا موجود آهن، ٻاهر موڪلي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو.
هن چيو ته ملڪ ۾ وسيلا موجود آهن، جن کي استعمال ڪرڻ گهرجي، آمريڪي حڪومت جيڪڏهن مخالفت ڪري رهي آهي ته پوءِ اسان جون ضرورتون پوريون ڪري……..- Advertisement -
