تازه ترين

ترڪمانستان جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي هو دعوت ڏين ٿا : اسحاق ڊار

- Advertisement -
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ترڪمانستان جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي هو دعوت ڏين ٿا. پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي پرڏيهي وزيرن جي گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، هنن اعليٰ سطحي ڳالهين  کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته خوشي آهي ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جا لاڳاپا هاڪاري رخ طرف وڌي رهيا آهن، ملاقات ۾ هنن ٻطرفي ايجنڊا سان علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي غور ڪيو. اسحاق ڊار چيو ته توانائي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي غور ڪيو ويندو، ترڪمانستان جي قومي اڳواڻ گربان بردي محمدئوف جي دوري جا هو منتظر آهن. نائب وزيراعظم چيو ته ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير کي سيڙپڪاري لاءِ ايس آءِ ايف سي جي اهم ڪردار بابت آگاهه ڪيو، جڏهن ته واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ آءِ ٽي جي ترجيحي شعبن ۾ رابطا وڌائڻ تي غور ڪيو ويو. اسحاق ڊار چيو ته هو ترڪمانستان جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏين ٿا، ترڪمانستان جون ڪمپنيون گوادر  ۽ ڪراچيءَ جي بندرگاهن مان فائدو وٺڻ. ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير راشد مير دوو چيو ته مهمان نوازي تي پاڪستان جا هو ٿورا مڃي ٿو، پاڪستان دوست ملڪ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
46 %
2.8kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون