تازه ترين

ترڪيءَ جي توانائي واري وزير جي فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات

- Advertisement -
ترڪيءَ جي توانائي واري وزير البارسلان بائرڪ تار، فيلڊ مارشل آرمي چيف عاصم منير سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ترڪيءَ جي توانائي واري وزير البارسلان بائرڪ تار، جي ايڇ ڪيو پهچي فيلڊ مارشل آرمي چيف عاصم منير سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيواري وڌائڻ تي ڳالهيون پڻ ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي ملڪن خطي جي استحڪام لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ورجايو ۽ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق پڻ ڪيو. فيلڊ مارشل آرمي چيف عاصم منير پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ لاڳاپن کي تاريخي ۽ مضبوط رابطن تي ٻڌل قرار ڏنو ۽ پاڪستان لاءِ ترقي جي مستقل حمايت تي ٿورا مڃيا. ترڪي جي توانائي واري وزير توانائي جي شعبي ۾ سهڪار وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب البارسلان بائرڪ تار پاڪستان جي خطي ۾ امن استحڪام جي ڪوششن جي واکاڻ پڻ ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب ملاقات ۾ جٽادار ترقي جي ميدان ۾ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
13 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
27 ° C
27 °
27 °
35 %
1.5kmh
4 %
آچر
30 °
سُومر
28 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون