- Advertisement -
ترڪيه جي شهر استنبول ۾ غزه امن منصوبي بابت اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن جي ميزباني ترڪ پرڏيهي وزير حاقان فدان ڪندو.
غزا بابت اجلاس ۾ پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب ۽ قطر سميت 8 ملڪن جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا، اجلاس ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.
پاڪستان غزه جنگ بندي معاهدي تي مڪمل عمل ۽ اسرائيلي فوج جي نيڪاليءَ جو مطالبو ڪندو.
اجلاس ۾ غزا جنگبندي معاهدي تي هاڻوڪي اڳڀرائي ۽ انساني حقن جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.- Advertisement -
