ترڪيه جي صدر ترڪ صدر طيب اردوان شام سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ترڪ صدر طيب اردوان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو شام سان لاڳاپا ماضي وانگر بحال ڪرڻ چاهين ٿا.
سندس چوڻ آهي ته هو ڪنهن به وقت شامي صدر کي ڳالهين جي دعوت ڏئي سگھن ٿا.
ترڪيه جي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته رابطن جي بحاليءَ ۾ روسي صدر ۽ عراقي وزيراعظم مدد ڪري سگھن ٿا، شامي صدر هڪ قدم اڳتي اچي ته هو به هاڪاري جواب ڏيندا.
واضع رهي ته ترڪيه ۽ شام ۾ سفارتي لاڳاپا 2011 کان معطل آهن….