- Advertisement -
ترڪيه جي هوائي فوج جو سي-130 جهاز آذربائيجان ۽ جارجيا جي سرحد ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار 20 اهلڪار اجل جو شڪار ٿي ويا.
ترڪ ميڊيا موجب، روانگي جي ڪجهه دير کانپوءِ ئي سرحدي علائقي ۾ ڪري تباهه ٿيو، حادثي جو شڪار جهاز آذربائيجان کان ترڪيه اچي رهيو هو.
ترڪ نيوز ايجنسي موجب، صدر رجب طيب اردوان انقره ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ ٻڌايو ته ترڪ سي 130 فوجي ڪارڪو جهاز آذربائيجان کان اچي رهيو هو ته جارجيا ۽ آذري سرحد ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي ويو.
ترڪ صدر چيو ته امدادي ٽيمون مقامي حڪومت سان گڏجي ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهن.
ترڪ ڪميونيڪيشن ڊائريڪٽر برهانيتن چيو ته حادثي جي اطلاع ملندي ئي ڳولا ۽ ريسڪيو جو ڪم شروع ڪيو ويو، ان حوالي سان شروع ڪئي وئي هئي، ان حوالي سان تصديق ٿيل خبرن لاءِ اختيارين پاران جاري ڪيل معلومات تي ئي يقين رکيو وڃي…
- Advertisement -
