ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، آچر تي ترڪ صدر طيب اردوان طيب اردوان امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٽيليفون تي خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ترڪ صدارتي آفس جو چوڻ آهي ته صدر اردوان روس-يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ آمريڪي صدر ٽرمپ جي قدمن جي حمايت ڪئي.
صدر اردوان شام ۾ استحڪام لاءِ آمريڪا ۽ ترڪيه جي گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ آمريڪا کان ايف 16 جهازن جي خريداري کي حتمي شڪل ڏيڻ کي پڻ ضروري قرار ڏنو.
ٻئي طرف صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روسي صدر پيوٽن وچ ۾ هلندڙ هفتي رابطي جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ روس-يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ حقيقي اڳڀرائي جي اميد آهي.
آمريڪي صدر ٽرمپ جي نمائندي اسٽيو ويٽڪوف آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو ۾ چيو ته گذريل هفتي روسي صدر سان ملاقات هاڪاري رهي، يوڪرين ۽ روس وچ ۾ اختلاف گھٽيا آهن، صدر پيوٽن ٽرمپ جي فلسفي سان اتفاق ڪيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته صدر ٽرمپ روس ۽ يوڪرين جنگ جو خاتمو چاهي ٿو………