سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته منشيات خلاف جنگ سڀني جو مشن آهي، سمورا صوبا نمايان ڪوششون ڪري رهيا آهن، سنڌ حڪومت منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاررواين ۾ اڳڀري آهي، تعليمي ادارن کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ سندن مشن آهي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان منشيات جي خاتمي واري عالمي اداري انٽرنيشنل نارڪوٽڪس اينڊ لا انفورسمينٽ افيئرز جي وفد ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول آفيس ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ گڏيل مفادن، منشيات جي خاتمي بابت ڪوششن ۽ منشيات جي سمگلنگ خلاف قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اجلاس ۾ آءِ اين ايل طرفان ڊائريڪٽر لوري اينٽولينز، ڪائونٽر نارڪوٽڪس ايڊوائزر مارڪ ڪينيڊي، ڊي اِي اي اتاشي ٿامس مارشل، آر ايس او جي جوش ميڪ ڪِيو، پروگرام اسپيشلسٽ راجا شرجيل حسن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
سيڪريٽري ايڪسائيز سليم راجپوت، ڊي جي ايڪسائيز اورنگزيب پنهور ۽ ڊائريڪٽر نارڪوٽڪس ڪنٽرول رياض حسن کوسو به ملاقات ۾ موجود رهيا.
ملاقات دوران سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ آءِ اين ايل وفد کي ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي جي قدمن بابت آگاهه ڪيو.
آءِ اين ايل ڊائريڪٽر لوري اينٽولينز، ڪائونٽر نارڪو ٽڪس ايڊوائزر مارڪ ڪينيڊي، ڊي اِي اي اتاشي ٿامس مارشل طرفان سنڌ حڪومت جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي وئي.
آءِ اين ايل ڊائريڪٽر لوري انٽولينز چيو ته منشيات جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
ڊي اِي اي اتاشي ٿامس مارشل جو چوڻ آهي ته هو منشيات جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر طرح سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته منشيات خلاف جنگ سڀني جو مشن آهي، سمورا صوبا نمايان ڪوششون ڪري رهيا آهن، سنڌ حڪومت منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاررواين ۾ اڳڀري آهي.
سنڌ جي سينيئر وزير، آءِ اين ايل وفد کي ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ۽ پوليس جي سهڪار سان جاري ڪريڪ ڊائون ڪاررواين بابت آگاهه ڪيو.
شرجيل انعام ميمڻ وفد کي هاڪاري تبديلين لاءِ قانون ۾ ترميمن جي ڪوششن کان به آگاهه ڪيو.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تعليمي ادارن کي منشيات کان پاڪ بڻائڻ سندن مشن آهي، پوليس، ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ۽ اينٽي نارڪوٽڪس فورس محنت سان ڪم ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته بحالي جا مرڪز ڪم ڪري رهيا آهن، هو نشي جي عادي ماڻهن کي معاشري ۾ ٻيهر ضم ٿيڻ ۾ مدد لاءِ وڌيڪ مرڪز قائم ڪري رهيا آهن.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آئس ۽ ڪرسٽل هيروئن جهڙي منشيات سندن لاءِ اهم چئلينج آهي، سندن پهرين ترجيح منشيات جو خاتمو آهي، ڪارروايون ۽ ڪريڪ ڊائون ڏينهون ڏينهن تيز ٿي رهيا آهن.
سنڌ جي سينيئر وزير، وفد کي ايڪسائيز کاتي جي ريپڊ رسپانس يونٽ بابت پڻ آگاهه ڪيو.
آءِ اين ايل وفد ريپڊ رسپانس يونٽ جي قيام کي ساراهيو، منشيات جي خاتمي ۾ سهڪار جو يقين ڏياريو.
ملاقات ۾ سنڌ حڪومت ۽ عالمي ڀائيوارن جي منشيات جي خاتمي جي ڪاررواين کي مضبوط بڻائڻ ۽ سهڪار تي ٻڌل ڪوششن کي وڌائڻ جي عزم تي زور ڀريو ويو.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ معزز مهمانن کي روايتي سنڌي اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا.