- Advertisement -
تلهار جي سرڪاري اسپتال ۾ مبينا طور غلط انجيڪشن لڳڻ جي نتيجي ۾ نينگر تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو جڏهن ته وارثن طرفان ڊاڪٽرن تي غلفت جو الزام لڳائيندي اسپتال ۾ ڀڃڊاهه ڪري عملي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو.
سرڪاري اسپتال ۾ ٽن ورهين جو حبيب الله سولنگي مبينا طور غلط انجيڪشن لڳڻ جي نتيجي ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.
وارثن طرفان ڊاڪٽرن تي غلفت جو الزام لڳائيندي اسپتال ۾ ڀڃڊاهه ڪري عملي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو.
نينگر جي والد امان الله سولنگي ۽ امڙ گلشن سولنگي الزام هڻندي چيو ته سندن پٽ کي معمولي زخم هو کيس انجيڪشن هڻي ماريو ويو آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسپتال عملي خلاف سخت کان سخت قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.- Advertisement -
