تنگواڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس پاران ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ ٻن ڏوهارين جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.
ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير جي حڪم تي ڪوڪاري گينگ خلاف جمال ڪچي واري علائقي ۾ اي پي سي چين ذريعي ايس ايڇ او ڊيراسرڪي غلام علي بروهي جي اڳواڻي ۾ ذريعي سوين پوليس اهلڪار ساڻ ڪري جديد مشينري ذريعي سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.
آپريشن ۾ ڏوهاري ۽ پوليس فائرنگ جي ڏي وٺ جو سلسلو جاري آهي.
پوليس ۽ ڏوهارين ۾ ٿيل مقابلي ۾ ٻن ڏوهارين جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن، پوليس پاران وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي آهي.