تنگواڻي ويجهو اغوا ڪيل پيٽرول پمپ جي ٻن ملازمن جي بازيابي لاءِ وارثن کان 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو.
ڊيرا سرڪي ٿاڻي جي حد مان ڌاڙيل پيٽرول پمپ جي ٻن ملازمن راشد پنجابي ۽ عباس پنجابي کي اغوا ڪري ويا.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واردات جا تفصيل معلوم ڪري ڏوهارين پويان ڪچي واري علائقي طرف رواني ٿي وئي.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ٻئي مغوي پنجاب جا رهواسي هئا، جيڪي پيٽرول پمپ تي ڪم ڪندا هئا.
وارثن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن مغوين جي بازيابي لاءِ 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي……….