تازه ترين

تنگواڻي ۾ وين نه بيهارڻ تان ڊرائيور قتل، وارثن ۽ ٽرانسپورٽرن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

- Advertisement -
تنگواڻي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ويگن ڊرائيور قتل ٿي ويو، جڏهن ته وارثن ۽ ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن پاران قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڊيرا سرڪي ٿاڻي جي حد ٺل ڪنڌڪوٽ روڊ تي صيفل اسٽاپ ويجهو هٿياربندن ويگن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، نه بيهڻ تي فائرنگ ڪري ڏني. هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ويگن ڊرائيور يعقوب ٻرڙو ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته صيفل اسٽاپ ويجهو هٿياربندن ويگن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، نه بيهڻ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور قتل ٿي ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف مقتول جي وارثن ۽ ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن پاران صيفل اسٽاپ وٽ حميد الله مري، قربان ملڪ، رحمدل لاشاري، وقار احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته علائقي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي، پوليس امن امان بحال ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. هنن چيو ته پوليس چوڪي سامهون ڦورو ڊرائيور کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، پر پوليس ڪجهه به نه ڪيو. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون