- Advertisement -
ايران جي نائب صدر محمد رضا عارف اسرائيل کي انتقامي ڪارروائي کان خبردار ڪندي چيو آهي ته تهران تي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته نائب صدر محمد رضا عارف تهران ۾ حماس ۽ حزب الله جي نمائندن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.
ان موقعي تي محمد رضا عارف ايران تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي چيو ته جارحيت ڪندڙن کي جواب جو انتظار ڪرڻ گهرجي، اسرائيل کي مناسب وقت ۽ حالتن ۾ ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
ٻئي طرف ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته فوجي مرڪزن تي اسرائيلي حملا گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.
هن چيو ته ايران کي ان جارحيت جو مناسب جواب ڏيڻ جو پورو حق آهي، انهن حملن کي غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيل جي نسل ڪشي کان الڳ نٿو ڪري سگهجي.
پرڏيهي وزير عباس عراقچي وڌيڪ چيو ته عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ دنيا کي گڏيل دشمن خلاف متحد ٿيڻ گهرجي………- Advertisement -
