- Advertisement -
توانائي شعبي ۾ گردشي قرض ۾ هڪ سئو ارب رپيا اضافي تي آءِ ايم ايف ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته عالمي مالياتي جي ايگزيڪيٽو بورڊ جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ پاڪستان جو قرض پروگرام شامل ناهي.
ذريعن موجب حڪومت پاور سيڪٽر جي گردشي پلان آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيو آهي، جنهن موجب پاور سيڪٽر جو گردشي قرض 2 ارب رپين کان وڌي ويو آهي ۽ جون 2025ع تائين بجلي جي شعبي جو گردشي قرض 25 سئو 50 ارب رپين کان وڌي ويندو.
آءِ ايم ايف پاور سيڪٽر جو گردشي ڪنٽرول نه ٿيڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي قرض 25 سئو ارب رپين کان نه وڌڻ جو مطالبو ڪيو آحي.
حڪومت آءِ ايم ايف کي پاور سيڪٽر جو گردشي قرض ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٽيرف ايڊجسٽمينٽ وقت سر ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
گذريل مالي سال به آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيل پلان موجب پاور سيڪٽر جو گردشي قرض 23 سئو 10 ارب رپيا ڪرڻو هو پر ائين نه ٿي سگهيو هو.
آءِ ايم ايف جي شرطن موجب گردشي قرض ڪنٽرول نه ٿيو ته معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿيندي.
هوڏانهن آءِ ايم ايف بورڊ جي هڪ وڌيڪ اجلاس جو ڪلينڊر جاري ڪيو ويو آهي، ان ۾ پڻ پاڪستان جو قرض پروگرام شامل ناهي.
آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيٽو بورڊ 18 سيپٽمبر تائين اجلاسن جي ڪلينڊر ۾ پاڪستان جو 7 ارب ڊالر جو قرض پروگرام شامل ناهي، ايگزيڪيٽو بورڊ 18 سيپٽمبر کي سيرينام جي ستين جائزي جي منظوري ڏيندو.
ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف سطح تي معاهدو 12 جولاءِ تي ٿيو هو، پاڪستان کي اڃا تائين ٻاهرين فنانسنگ گيپ کي پورو ڪرڻ ۾ ڏکيائيون آڏو آهن.- Advertisement -
