تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

توانائي واري صوبائي وزير ناصر شاهه آگسٽ مهيني دوران سولر پئنل جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت

- Advertisement -
توانائي واري صوبائي وزير ناصر شاهه آگسٽ مهيني دوران سولر پئنل جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي توانائي واري صوبائي وزير ناصر شاهه جي  صدارت هيٺ  توانائي کاتي جو اين جي اوز  سان  اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ توانائي کاتي سيڪريٽري مصدق احمد خان، ڊائريڪٽر سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ محفوظ قاضي سميت مختلف اين جي اوز جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان سولر پئنل جي فراهمي بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته هلندڙ مهيني دوران ئي سولر پئنل جي فراهمي شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي منصوبي جي شفافيت يقيني بڻائي وڃي. سندس چوڻ هو ته جلد هر ڊويزن ۽ هر ڊسٽرڪٽ ۾ سولر پئنل ورهائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويندو. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته عوام کي مفت بجلي فراهم ڪرڻ بابت مختلف منصوبن تي ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ سرڪار سستي بجلي فراهم ڪري عوام کي رليف ڏيڻ جي خواهشمند آهي. سندس چوڻ هو ته سولرائيزيشن جو عمل  عوام کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ جو  ذريعو آهي. صوبائي وزير ناصر  شاهه چيو ته مهانگي بجلي عوام جي پهچ کان ٻاهر ٿي چڪي آهي، صوبي جا ماڻهو مهانگي بجلي سبب عذاب جو شڪار آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
16 %
2.6kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
26 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون