تازه ترين

توشا خانا ڪيس ۾ نوازشريف جا گرفتاري وارنٽ معطل

اسلام آباد جي احتساب عدالت توشاخانه ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جا گرفتاري وارنٽ 24 آڪٽوبر تائين معطل ڪري ڇڏيا.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير، توشاخانه ڪيس ۾ نواز شريف جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران نواز شريف جو وڪيل قاضي مصباح ۽ نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا.

نواز شريف جي وڪيل چيو ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف عدالت ۾ ڪيسن کي منهن ڏيڻ چاهي ٿو ۽ 21 آڪٽوبر تي ڏيهه پهچندو.

وڪيل قاضي مصباح چيو ته عدالت کي اپيل آهي ته نواز شريف جا 24 آڪٽوبر تائين گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا وڃن.

جج محمد بشير پڇاڻو ڪيو ته اوهان هائيڪورٽ ۾ به درخواست ڏني آهي جنهن تي نواز شريف جي وڪيل چيو ته هائيڪورٽ ۾ درخواست ناهي ڏني.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نواز شريف 2 رليف گهريا آهن هو چئي رهيو آهي ته عدالت آڏو سرنڊر ڪرڻ چاهي ٿو، نواز شريف کي ٻڌڻ چاهيو ٿا ته وارنٽ معطل ڪري ڇڏيو.

عدالت نواز شريف جي وڪيل ۽ نيب پراسيڪيوٽر جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ته نواز شريف جي گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا وڃن، جيڪڏهن نواز شريف 24 آڪٽوبر تي نه آيو ته وارنٽ بحال ٿي ويندا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.1 ° C
16.1 °
16.1 °
33 %
2.6kmh
0 %
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
26 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون