تازه ترين

توشا خانا گاڏين جي ريفرنس ۾ آصف علي زرداري کي صدارتي ڇوٽ ملڻ جون درخواستون منظور ڪرڻ جو حڪمنامو جاري

اسلام آباد جي احتساب عدالت پارڪ لين ۽ توشا خانا گاڏين جي ريفرنس ۾ آصف علي زرداري خلاف ڪارروائي روڪي ڇڏي، عدالت جو چوڻ آهي ته جيستائين آصف علي زرداري صدر آهي تيستائين ڪيسن جي ڪارروائي اڳتي نه وڌي سگهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت پارڪ لين ۽ توشا خانا گاڏين جي ريفرنس ۾ آصف علي زرداري کي صدارتي ڇوٽ ملڻ جون درخواستون منظور ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو.

احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد ريفرنس تي ڪارروائي روڪڻ جو حڪمنامو جاري ڪندي چيو ته جستائين آصف علي زرداري صدر آهي سندس خلاف ڪيسن جي ڪارروائي اڳتي نٿي وڌي سگهي.

عدالت چيو ته آصف علي زرداري طرفان آرٽيڪل 248 ٽو تحت درخواستون داخل ڪيون، درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آصف علي زرداري صدر آهي، ڪرمنل ڪيسن جي ڪارروائي جاري نٿي رهي سگهي.

حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته پراسيڪيوشن درخواستن تي اعتراض ناهي ڪيو ۽ نه ئي مخالفت ڪئي، آرٽيڪل 248 ٽو تحت صدر خلاف ڪيس ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي ڪا ڪارروائي جاري رهي سگهي ٿي.

احتساب عدالت چيو ته آصف علي زرداري جون صدارتي ڇوٽ حاصل ڪرڻ بابت درخواستون منظور ڪيون وڃن ٿيون.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
55 %
0.6kmh
20 %
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون