- Advertisement -
توشا خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
اسلام آباد هائيڪورٽ بشريٰ بيبي جي توشا خانه ٽو ڪيس ۾ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب بشريٰ بيبي جي توشا خانه ٽو ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
جسٽس ميان گل حسن رمارڪس ڏنا ته موقعو ملي ته آذر بائيجان وڃي ڏسو، اتي اهڙو عجائب گهر آهي، جتي تحفا رکيا ويندا آهن، سموري دنيا مان صدر کي جيڪي تحفا ملندا آهن، اهي اتي رکيا ويندا آهن، کيس اتي محترمه بينظير ڀٽو جي تصوير نظر آئي، بدقسمتيءَ سان ڪنهن ٻئي جي ڪا به تصوير نظر نه آئي.
ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر دليل ڏنا ته رياست کي ملندڙ تحفا جمع ۽ ظاهر ڪرائڻا هوندا آهن، تحفو رياست جي ملڪيت هوندي آهي، رياست جي ملڪيتي تحفي کي خريد ڪرڻ کان اڳ پاڻ وٽ نه ٿو رکي سگهي.
جسٽس گل حسن اورنگزيب چيو ته بشريٰ بيبي تحفا جمع نه ڪرايا ته پي ٽي آءِ بانيءَ کي جوابدار ڇو بڻايو ويو؟
ايف آءِ ايَ پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته ڇاڪاڻ ته پبلڪ آفيس هولڊر پي ٽي آءِ باني هو.
دليل ٻڌڻ بعد عدالت بشريٰ بيبي جي ضمانت منظور ڪندي کيس 10 لک رپين جا ضمانتي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو- Advertisement -
