تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال: ارسا پاران پنجاب حڪومت جي موقف جي حمايت

- Advertisement -
تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال: ارسا پاران پنجاب حڪومت جي موقف جي حمايت ارسا گريٽر ٿل ڪئنال معاملي تي سنڌ حڪومت پاران گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڏانهن اماڻيل سمري جو جواب ڏيندي پنجاب حڪومت جي موقف جي حمايت ڪئي آهي. سنڌ طرفان گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڏانهن اماڻيل سمري جي هر پيرا جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. جواب ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب چشما جهلم لنڪ ڪئنال مان گريٽر ٿل ڪئنال ڪڍيو، جيڪو 17 لک 39 هزار ايڪڙ زمين کي آباد ڪندو. جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو ته گريٽر ٿل ڪئنال فيز هڪ تي 2001 ۾ ڪم شروع ٿيو، ارسا موجب 1991ع جي پاڻي معاهدي تحت 5900 ڪيوسڪ پاڻي جي منظوري ڏني وئي هئي، جڏهن ته گريٽر ٿل ڪينال جي اصل ضرورت 2 ڏهائي 497 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، جنهن سان خوشاب، بکر، ليا ۽ جهنگ جي زمين آباد ٿيندي. سموري سنڌ جي احتجاج کي پوئتي اڇلائي ارسا جي 3ميمبرن ان منصوبي جي حمايت، 2 مخالفت ۽ سنڌ اسيمبلي 28 فيبروري 2023ع تي گريٽر ٿل ڪئنال خلاف قرارداد منظور ڪئي هئي ارسا جواب ۾ لکيو ته 1991ع جي معاهدي ۾ سنڌ گريٽر ٿل ڪئنال کي ڏنل پاڻي تي اعتراض نه ڪيو هو، سنڌ اسيمبلي جي قرارداد ۽ سنڌ جي احتجاج تي ارسا نوڪمينٽس لکي ڇڏيو آهي واضح رهي ته سنڌ حڪومت پنجاب ۾ 200 ارب روپين کان وڌيڪ نون آبپاشي منصوبن جي منظوري تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
10 %
3.2kmh
32 %
آچر
22 °
سُومر
24 °
اڱارو
25 °
اربع
26 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون