تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ثقافت کاتي جي ايڊوائزري ڪميٽي جو اجلاس,مختلف ماڳن ۽ عمارتن کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ جي منظوري

- Advertisement -
چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ ثقافت کاتي جي ايڊوائزري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران مختلف ماڳن ۽ عمارتن کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ ثقافت کاتي جي ايڊوائزري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ثقافت، ايڊوائزري ڪميٽي جي ميمبرن حميد هارون، ڪليم الله لاشاري ۽ ايس بي سي اي سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ثقافت کاتي طرفان ورثو قرار ڏنل عمارتن جو جائزو ورتو ويو. چيف سيڪريٽري ايس بي سي اي کي هدايت ڪئي ته ھيريٽيج عمارتن کي خطرناک قرار ڏيڻ کان اڳ ثقافت کاتي کان به راءِ ورتي وڃي. اجلاس ۾ مختلف ماڳن ۽ عمارتن کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. قمبر شهداد ڪوٽ ۾ واقع ڪتي جي قبر کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. نوشهرو فيروز ۾ قديم مختيارڪار آفيس کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. سکر ۾ قديم سول ڪورٽ تعلقي روهڙي کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي. ڪنڌڪوٽ ۾ انسپيڪشن بنگلي کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جي منظوري به ڏني وئي. ڪراچي ۾ ڪينٽونمينٽ ڪوارٽرز ۾ پارسي انسٽيٽيوٽ ڪمپائونڊ  کي جهانگير کوٽهاري هال ۽ کاٽراڪ سوئمنگ باٿ  کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ملير ۾ “سيد هاشمي ريفرنس لائبريري” کي پڻ محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
0.2 ° C
0.2 °
0.2 °
32 %
3.9kmh
43 %
ڇنڇر
4 °
آچر
8 °
سُومر
8 °
اڱارو
7 °
اربع
9 °

تازه ترين خبرون