تازه ترين

جاتي جي سامونڊي پٽيءَ ۾ پاڻي جي کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي

جاتي جي سامونڊي پٽيءَ ۾ پاڻي جي کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي جڏهن ته شير خانه مائير ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

زميندار ايڪشن فورم جي اڳواڻن ۽ رهواسين پاران عادل لغاري، غلام علي سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ امين موري وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سامونڊي پٽيءَ ۾ پاڻي جي کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي جنهن سبب ماڻهن لڏپلان ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي،  علائقي واسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ به سڪي رهيا آهن.

سندن چوڻ هو ته پاڻي جي کوٽ سبب چوپايو مال مري رهيو آهي پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سامونڊي پٽيءَ ۾ پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,172FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
18.6 ° C
18.6 °
18.6 °
12 %
2.3kmh
0 %
آچر
18 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون