تازه ترين

جاتي ۾ شهري ايڪشن ڪميٽي پاران ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ علاج جون بهتر سهولتون نه هئڻ خلاف احتجاج

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

جاتي ۾ شهري ايڪشن ڪميٽي پاران تعلقي اسپتال ۾ ڏيڍ مھيني کان ايم ايس مقرر نه ٿيڻ، ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ علاج جون بهتر سهولتون نه هئڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

عادل لغاري، ذوالفقار علي ترڪ، عبدالرزاق ٿهيم ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ اسپتال جي ايمرجنسي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي انتظاميا جي لاپرواهي سبب تعلقي اسپتال لاوارث بڻيل آهي.

هنن چيو ته تعلقي اسپتال ۾ ڏيڍ مھيني کان ايم ايس مقرر نه ٿيڻ سبب انتظامي نظام ڊانوانڊول ٿي ويو آهي.

سندن چوڻ هو ته اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ علاج جون بهتر سهولتون نه هئڻ سبب مريض رولڙي جو شڪار آهن.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته تعلقي اسپتال ۾ ايم ايس مقرر ڪري ڊاڪٽرن جي کوٽ ختم علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
43 %
3.1kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون