- Advertisement -
جاويد عالم اوڍي وفاقي حڪومت طرفان جاري ڪيل پڌرائي کانپوءِ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ جي عهدي جي باقاعده چارج سنڀالي ورتي.
جاويد عالم اوڍو سنڌ پوليس جو 86هون آءِ جي آهي.
سي پي او ڪراچي آمد تي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍي کي سنڌ پوليس جي دستي طرفان گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍي پوليس جي شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي.
آءِ جي سنڌ شهيدن جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪندي سندن درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.
جاويد عالم اوڍي سي پي او ۾ اعليٰ پوليس آفيسرن سان ملاقات به ڪئي.- Advertisement -
