- Advertisement -
جاپان ۾ 7 ڏهائي 6 شدت جي زلزلي بعد سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.
وچ جاپان ۾ زلزلي بعد ڪجهه سامونڊي علائقن لاءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪندي اتي رهندڙن کي نڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
جاپاني ميڊيا موجب سي آف جاپان ۾ زلزلي جا لوڏا رڪارڊ ڪيا ويا، جن جي شدت 7 ڏهائي 6 رڪارڊ ڪئي وئي.
زلزلي جي لوڏن بعد مختلف سامونڊي علائقن ۾ هڪ ميٽر وڏيون ڇوليون متحرڪ ٿيون.
زلزلي سبب متاثر خطي ۾ هزارين گهر بجلي کان محروم ٿي ويا، جڏهن ته اڏامن ۽ ٽرين سروس به متاثر ٿي.
جاپاني موسميات کاتي موجب سامونڊي علائقن لاءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي…..- Advertisement -
