جج جي گهر واري گهريلو ملازمه رضوانه تي تشدد وارو ڏوهه باسڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ننڍي عمر جي گهريلو ملازمه رضوانه تشدد ڪيس ۾ نامزد سول جج عاصم حفيظ جي گهرواري سوميه عاصم جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي ٿي ڏوهه باسڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

سول جج عاصم حفيظ جي گهرواري سوميه عاصم 23جولاءِ کان ايف آءِ آر ۾ نامزد آهي، جڏهن ته هن ڪيس ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت حاصل ڪري رکي آهي.

ذريعن موجب سول جج عاصم حفيظ جي گهرواري رضوانه تشدد ڪيس ۾ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي.

ذريعن موجب، سول جج عاصم حفيظ جي گهرواري سوميه عاصم چيو ته نينگري رضوانه سندن گهر ۾ ڪم نه ڪندي هئي، وارثن کي امداد جي طور 60هزار رپيا موڪليا هئا.

هن چيو ته نينگري تي ڪو به تشدد نه ڪيو هو، کيس اسڪن الرجي هئي، سندس مٿي ۾ ڌڪ ڪيئن لڳو، ڪا به ڄاڻ نه آهي.

سول جج عاصم حفيظ جي گهرواري سوميه عاصم جو چوڻ هو ته ان خاندان جا 10 ٻارڙا آهن، هڪ ٻارڙي پاڻ وٽ رکي سندن مدد ڪئي.

هن چيو ته نينگري کي اسلام آباد ۾ 26 نمبر چورنگي تي والدين جي حوالي ڪيو هو. اسپيشل جي آءِ ٽي پاران سول جج عاصم حفيظ جي گهرواري سوميه عاصم کان لکت ۾ جواب طلب ڪيو ويو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
21%
3.6m/s
1%
اڱارو
24 °
اربع
24 °
خميس
24 °
جمعو
24 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون