تازه ترين

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 29هين چيف جسٽس طور پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ورتو

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 29هين چيف جسٽس طور پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ورتو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين نامزد چيف جسٽس کي قسم کڻايو.

چيف جسٽس جي قسم کڻڻ واري تقريب ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي جتي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي قسم کڻايو.

قسم کڻڻ واري تقريب ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، آرمي چيف جنرل عاصم منير، ڪابينا ميمبرن، اڳوڻن چيف جسٽس، ججن ۽ وڪيلن سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

صدر عارف علوي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي انگريزي ۽ اردو زبانن ۾ قسم کڻايو جڏهن ته بيگم سرينا عيسيٰ به قاضي فائز عيسيٰ سان گڏ ڊائس تي بيٺل رهي.

صدر ۽ وزيراعظم، چيف جسٽس جو قسم کڻڻ تي قاضي فائز عيسيٰ مبارڪ ڏني.

رياست قلات جي وزيراعظم قاضي جلال الدين جي پوٽي تحريڪ پاڪستان جي صف اول جي اڳواڻ قاضي محمد عيسيٰ جي پٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 26 آڪٽوبر 1959ع تي ڪوئيٽا ۾ پيدا ٿيو.

شروعاتي تعليم ڪوئيٽا مان مڪمل ڪرڻ کانپوءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪراچي گرامر اسڪول ڪراچي مان اي ۽ او ليول مڪمل ڪئي ۽ پوءِ قانون جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن هليو ويو جتي هن آنز ​​آف ڪورٽ اسڪول آف لا مان بار پروفيشنل اگزامينيشن مڪمل ڪيو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 30 جنوري 1985ع تي بلوچستان هائيڪورٽ ۽ مارچ 1998ع ۾ سپريم ڪورٽ جو وڪيل ٿيو.

پي سي او ڪيس جي فيصلي جي نتيجي ۾ بلوچستان هائيڪورٽ جي سمورن ججن کي برطرف ڪيو ويو ته جسٽس فائز عيسيٰ 5 آگسٽ 2009ع سڌو سنئون بلوچستان هائيڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ٿيو.

جج طور مقرر ٿيڻ کان اڳ 27 ورهين تائين قانون جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 5 سيپٽمبر 2014ع تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جج جي حيثيت ۾ قسم کنيو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پبلڪ پارڪن جي استعمال، ماحوليات، عورتن جي وراثتي حقن ۽ فيض آباد ڌرڻي ڪيس بابت اهم فيصلا ڏنا.

عدليه سميت ڪنهن به اداري لاءِ محترم جو لفظ استعمال نه ڪرڻ جي آبزرويشن به ڏني ۽ 21هين آئيني ترميم واري ڪيس ۾ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل کي غير آئيني قرار ڏنو.

پي ٽي آءِ حڪومت ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ صدارتي ريفرنس داخل ڪيو ويو جنهن کي نظرثاني ۾ اڪثريت جي بنياد تي ڪالعدم قرار ڏنو ويو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي فيصلن ۾ هميشه ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني تي زور ڏنو.

چيف جسٽس جي حيثيت سان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي سپريم ڪورٽ جي ججن ۾ اختلاف ختم ڪرڻ، بينچ ٺاهڻ ۽ موجوده سياسي صورتحال ۾ عدليا جو وقار بحال ڪرڻ وڏا چئلينج هوندا.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 25 آڪٽوبر 2024 تي چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي تان رٽائر ٿي ويندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
119,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.5 ° C
16.5 °
16.5 °
29 %
2kmh
0 %
خميس
17 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °

تازه ترين خبرون