- Advertisement -
جسٽس ڪي ڪي آغا وفاقي آئيني عدالت جي جج جو قسم کڻي ورتو.
قسم کڻڻ واري تقريب اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ ٿي.
وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان، ڪي ڪي آغا کي قسم کڻايو.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر به تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
آئيني عدالت جي جسٽس عامر فاروق، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس علي باقر نجفي به شرڪت ڪئي، جڏهن ته اسلام آباد هائيڪورٽ جي ججن جسٽس ارباب محمد طاهر، جسٽس محمد اعظم خان، جسٽس انعام امين منهاس، جسٽس خادم حسين سومري ۽ جسٽس محمد آصف سميت ٻيا به تقريب ۾ شريڪ ٿيا……….
- Advertisement -
