اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته جشن آزادي تي عوامي حڪمراني يقيني بڻائڻ جو عزم ورجايو وڃي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 73ع واري آئين جي صورت ۾ قائداعظم جو خواب پورو ڪيو.
76هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري بيان ۾ آصف زرداري چيو ته هو ملڪ کي قائداعظم جي نظريي موجب جمهوري ۽ فلاحي رياست بڻائيندا، غربت ۽ جهالت خلاف سندن جنگ جاري آهي ۽ جاري رهندي.
هن چيو ته آمريت جو دور دهشت آهي ان ۾ معاشرو ترقي ناهي ڪندو، جمهوريت ۽ آئين تي عمل سان ئي ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي سگهجي ٿو، عوام معاشي طور مستحڪم ٿيڻ تائين ملڪ ترقي نه ڪندو.
اڳوڻي صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي قائد اعظم جي نظرئي موجب هڪ جمهوري ۽ سياسي رياست بڻائيندا، اها فلاحي رياست جنهن لاءِ شهيد بينظير ڀٽو جدوجهد ڪئي هئي.