جعلي ڊگري ڪيس : سنڌ هاءِ ڪورٽ شازيا مري خلاف درخواست 13 سالن بعد رد ڪري ڇڏي

- Advertisement -
پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر شازيه مري کي مبينا جعلي ڊگري جي بنياد تي نااهل قرار ڏيڻ واري درخواست جو سنڌ هاءِ ڪورٽ 13 سالن کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي درخواست کي ٻڌڻ جوڳي نه هئڻ تي رد ڪري ڇڏيو. عدالت جو چوڻ هو ته پارليامينٽ ميمبر کي نااهل قرار ڏيڻ جو اختيار هاءِ ڪورٽ کي حاصل نه آهي. درخواست ڏيندڙ وڪيل گزار رفيق چيو ته شازيه مري پنهنجي نالي ڀائي شاگردياڻي جي 2002ع جي ڪراچي يونيورسٽي جي بي اي جي ڊگري پنهنجي ڊگري طور استعمال ڪئي. وڪيل جو چوڻ هو ته شازيه مري 2002، 2008 ۽ 2013ع جي چونڊن جي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت پاڻ کي گريجوئيٽ ظاهر ڪيو، جعلي ڊگري استعمال ڪرڻ تي کيس نااهل قرار ڏنو وڃي. عدالت چيو ته ان نوعيت جو اعتراض 2018ع جي چونڊن ۾ اليڪشن ٽربيونل اڳيان به اٿاريو ويو هو، اليڪشن ڪميشن 2022ع ۾ ڊگري بابت اعتراض رد ڪيا هئا. عدالت جو چوڻ هو ته اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل اپيل به 2023ع ۾ واپس وٺڻ تي خارج ڪئي وئي هئي. شازيه مري جي وڪيل رابعه خان چيو ته ڊگري جو معاملو اليڪشن ڪميشن اڳيان مڪمل شاهدين سان بحث هيٺ اچي چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن شازيه مري جي ڊگري بابت درخواست پهريان ئي رد ڪري چڪي آهي. عدالت جو چوڻ هو ته آئيني عدالت جي اختيارن جي دائري ۾ نااهلي پيدا ڪرڻ نه پر موجوده عهدو رکندڙ شخص جي قانوني اهليت جي جاچ آهي. عدالت جو چوڻ هو ته آئين تحت ڪنهن شخص کي سچو ۽ امين قرار ڏيڻ جو اختيار عدالت جو ٽربيونلز کي نه آهي، ڪنهن شخص کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ رڳو آئيني درخواست ڪافي ناهي. عدالت جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ درخواست ٻڌڻ جوڳي نه آهي تنهن ڪري درخواست ٻڌڻي لاءِ رد ڪئي وڃي ٿي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
33%
2.7m/s
0%
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون