جمال شاهه ۾ بااثرن پاران مبينا طور زمين تي قبضي خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ڳوٺ اميد علي رند جي رهواسين علي خان رند، غلام حسين، اسلم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري بااثر خلاف نعريبازي ڪئي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سندن 12 ايڪڙ زمين تي ڳوٺ جي بااثرن هٿياربندن ذريعي قبضو ڪيو آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندن زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.