جمال شاهه ۾ جي ڊبليو سي پاران نينگري پريا ڪماري جي بازيابي ۽ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
جي ڊبليو سي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار خاصخيلي، ڏاڏو مهر، فضل گهلو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، ڪو به شهري محفوظ ناهي رهيو.
هنن سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نينگري پريا ڪماري کي فوري طور آزاد ڪرائي سنڌ مان ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمون آندو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.