جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان قطر پهچي اسماعيل هانيا جي شهادت تي حماس اڳواڻن سان تعزيت ڪئي، مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته شهيد اسماعيل هانيه جو خون رائيگان نه ويندو.
مولانا فضل الرحمان وفد سميت گذريل رات قطر پهچي حماس اڳواڻ خالد مشعل ۽ ٻين سان ملاقات ڪري جمعيت علماءِ اسلام (ف) ۽ پاڪستان جي عوام طرفان اسماعيل هنيه جي شهادت تي تعزيت ڪئي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته اسماعيل هانيه جي شهادت تي پاڪستان ۾ اسرائيل خلاف سخت مظاهرا ڪيا ويا آهن، قومي اسيمبلي، سينيٽ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان اسيمبلي ۾ ٺهراءُ به پيش ڪيا ويا.
مولانا فضل الرحمان چيو ته شهيد اسماعيل هانيه جو خون رائيگان نه ويندو، شهيدن جي شهادت فلسطين جي آزادي جي جدوجهد کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي.
مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته شهيد اسماعيل هانيه جي شهادت تي پوري اسلامي دنيا سوڳوار آهي، فلسطيني عوام ۽ مسلمه امت مسجد اقصيٰ ۽ فلسطين جي آزادي تان ڪنهن به صورت ۾ دستبردار نه ٿيندي…