پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته جن پارٽين کي عوام تي اعتماد ناهي، اهي اليڪشن کان ڀڄڻ جو رستو ڳولي رهيون آهن، نگران وڏي وزير کي الزام هندڙن ايم ڪيو ايم پنهنجي شڪست ڏسي دٻاءُ وڌائڻ جي ڪوشش پئي ڪري، جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم وائڙائپ جو شڪار ٿي ويا آهن، مڪاني نمائندن جي معطل جو مطالبو غير آئيني ۽ بناجواز آهي، اليڪشن ڪميشن طرفان چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪرڻ سبب خدشا وڌي رهيا آهن، قوم کي مونجهارن مان ڪڍڻ لاءِ فوري طور چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي.
جاري ڪيل بيان ۾ نثار کهڙي چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي طرفان نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق بعد الزام مڙهڻ چونڊن کان اليڪشن عمل کي تڪراري بڻائڻ جي سازش آهي.
هن چيو ته جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم وارا چونڊن کان شڪست ڏسي وائڙائپ جو شڪار ٿي ويا آهن، مڪاني نمائندن جي معطلي جو مطالبو غير آئيني ۽ بناجواز آهي.
نثار کهڙي چيو ته پ پ مخالف سياسي پارٽيون غير آئيني ۽ عوام دشمن مطالبن سان پنهنجي مقبول وڌائي نه ٿيون سگهن.
پ پ سنڌ جي صدر چيو ته پ پ اليڪشن لاءِ ان ڪري تيار آهي جو کين عوام جو ڀرپور اعتماد حاصل آهي، پ پ چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري چوٿون ڀيرو حڪومت ٺاهيندي.
نثار کهڙي چيو ته 18 آڪٽوبر سانحي جي شهيدن جي سورهين ورسي تي سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ تقريبون ڪوٺائي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.
