جهل مگسي ۾ زمين جي تڪرار تان قتل ٿيل امداد جويو جي قاتل جي گرفتاري لاءِ دادو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .
جويا اتحاد جي سڏ تي نور محمد جويو، مير آصف جويو، ڪاشان جويو، مرتضيٰ جويو، وسيم جويو ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
اڳواڻن چيو ته زمين جي تڪرار تان بااثرن نوجوان امداد جويو کي بيدردي سان قتل ڪيو، واقعي جو ڪيس داخل هجڻ باوجود قاتل اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. هنن چيو ته جلد قاتلن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي مقتول جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .