جهنڊومري ويجهو پوليس ڪارروائي دوران منشيات سان ڀريل ڪار هٿ ڪري ورتي، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو آهي.
مشائخ هوٿي پوليس هاشم بونڊري وٽ ڪارروائي ڪئي.
پوليس ڪارروائي دوران نشي وارين سوپاري سان ڀريل ڪار هٿ ڪري ورتي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪار مان صحت لاءِ نقصانڪار انڊين سوپاري رائل ڪنگ جا 15 ڪٽا هٿ ڪيا ويا آھن، جڏهن ته جوابدار ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.
پوليس موجب، ڪارروائي دوران ڪرولا ڪار مان هٿ آيل منشيات جي ماليت لکين رپيا ٻڌائي پئي وڃي، علائقي ۾ ڪنهن به قسم جي منشيات ۽ ڏوهارين کي بخش نه ڪيو ويندو.