جهول ويجهو بي رحم پٽ ننڊ ستل ماءُ، ٻن ڀينرن ۽ ڀيڻيويي کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو.
ڳوٺ علي جان مري ۾ جوابدار لاکو ڀيل پنهنجي هڪ ساٿيءَ سان گڏجي صبح ننڊ ستل ماءُ، ٻن ڀينرن ۽ ڀيڻيويي کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو.
مارجي ويلن ۾ 50 سالن جي ڪنڪه، 35 سالن جي راڌا، 30 سالن جي ڌڻڪي ۽ 40 سالن جو ريجو ڀيل شامل آهن.
گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته معاملو گهريلو مسئلي سبب پيش آيو آهي.