- Advertisement -
بائيڊن حڪومت ڪانگريس کي نظر انداز ڪندي فلسطينين خلاف اسرائيل کي وڌيڪ ڏيڍ سئو ملين ڊالر جي ماليت جا هٿيار ۽ ٻيو فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
امريڪي حڪومت هنگامي صورتحال بنياد بڻائيندي اسرائيل کي 147 ڏهائي 5 ملين ڊالر جا هٿيار وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني.
واضع رهي ته ساڳي ئي شـِق جي بنياد تي هلندڙ مهيني ۾ هڪ سئو 20 ايم ايم ٽينڪن جا 14 هزار گولا به وڪرو ڪرڻ جي منطوري ڏني وئي هئي.
اهو ڌماڪيدار مادو 7 آڪٽوبر کان جاري فلسطينين خلاف بمباري ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي.- Advertisement -
