- Advertisement -
ڏکڻ آفريڪا، غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي تي اسرائيل خلاف انصاف واري عالمي عدالت سان رابطو ڪيو آهي.
انصاف واري عالمي عدالت طرفان جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڏکڻ آفريڪا اسرائيل مٿان گڏيل قومن جي جنيوا ڪنوينشن 1948 جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳايو آهي.
ڏکڻ افريڪا، انصاف واري عالمي عدالت کان اسرائيل خلاف ڪيس هلائڻ جي درخواست ڪئي آهي.
ڏکڻ آفريڪا طرفان چيو ويو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي قدم نسل ڪشي آهن، اسرائيلي فوج غزه ۾ فلسطينين کي قتل ڪري رهي آهي جڏهن ته غزه جي وڏي حصي کي پڻ تباهه ڪيو ويو آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل طرفان طاقت جي استعمال جو مقصد فلسطينين کي زبردستي بي دخل ڪرڻ آهي، اهو عمل نسل جنيوا ڪنويشن جي ڀڃڪڙي آهي.
ڏکڻ آفريڪا طرفان غزه ۾ موجود فلسطينين جي حالت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي درخواست ڪئي وئي آهي ته اسرائيل کي ڪونسل ڪشي جو ذميوار قرار ڏيندي ڪيس هلايو وڃي ۽ ان کي وڌيڪ ڪاررواين کان روڪيو وڃي.
ٻئي طرف اسرائيل ڏکڻ آفريڪا طرفان غزه ۾ نسل ڪشي بابت ڪيس کي رد ندي ان کي حقيقتن ۽ قانون جي ابتڙ قرار ڏنو آهي……- Advertisement -
