امريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته هو صدارتي اليڪشن وڙهڻ جو سڀ کان وڌيڪ اهل آهي.
اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بائيڊن چيو ته هن پهريان به ٽرمپ کي هارايو هو هن ڀيري به کيس شڪست ڏيندو.
جوبائيڊ صدارتي اليڪشن جي ڊوڙ تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪندي چيو ته جيڪو ڪم شروع ڪيو آهي ان کي مڪمل ڪندو.
هن چيو ته کيس ڊيموڪريٽس جي مڪمل حمايت حاصل آهي، ڪنوينشن ۾ ڊيموڪريٽس کي اختيار آهي جنهن کي چاهي اميدوار بڻائي.
بائيڊن اميد ظاهر ڪئي ته ڊيموڪريٽس ڪنوينشن ۾ کيس ئي اميدوار نامزد ڪندي.
امريڪي صدر غزه جنگ بانت ڳالهائيندي چيو ته امريڪا غزه ۾ جنگ بندي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اها جنگ هاڻي ختم ٿيڻ گھرجي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪاملا هيرس صدر جـِي اهل آهي ان لاءِ کيس نائب صدر بڻايو، ڪير به نه پيو چوي ته سندس جاءِ تي ڪاملا هيرس کي ٽرمپ جو مقابلو ڪرڻ گھرجي.