تازه ترين

جوڊيشل ڪامپليڪس حملي ڪيس ۾ چوڌري پرويز الاهي جي ضمانت منظور

اسلام آباد جي عدالت جوڊيشل ڪامپليڪس حملي ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين جوڊيشل ڪامپليڪس ڪيس ۾ چوڌري پرويز الاهي جي ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن چيو ته ڪيس جو رڪاڊ اڄ پيش ڪري ڇڏيندا جنهن تي عدالت چيو ته اها ڪا ڳالهه نه ٿي بس اوهان دليل شروع ڪريو.

چوڌري پرويز الاهي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته پرويز الاهي جي واقعي واري هنڌ تي موجودگي ثابت ناهي ٿي ۽ احتجاج ۾ حصو وٺڻ به ثابت ناهي ٿيو، هن ڪيس ۾ سمورا جوابدار ضمانت تي آهن جن جوابدارن جي ضمانت هن عدالت رد ڪئي کين هائيڪورٽ مان ضمانت ملي وئي.

پراسيڪيوٽر پنهنجي دليلن ۾ چيو ته پرويز الاهي جوڊيشل ڪامپليڪس تي حملي لاءِ مالي مدد ڪئي ۽ ڊيجيٽل ذريعن سان پرويز الاهي رقم فراهم ڪئي.

عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته پرويز الاهي وٽان رمانڊ دوران ڪجهه هٿ نه آيو، جوابدار کان وڌيڪ جاچ به نه ٿي.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي 20 هزار رپين جي ضمانتي ڪاغذن عيوض ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون