- Advertisement -
جيڪب آباد ڀرسان ڦر مزاحمت تي هٿياربندن 2 سڳن ڀائرن کي زخمي ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ مٺو سرڪي وٽ هٿياربندن محمد صادق ۽ الهواريو سرڪي کي زخمي ڪيو،
زخمي ڀائرن کي سول اسپتال آڻي طبي امداد ڏني وئي.
زخمين جو چوڻ آهي ته9 هٿياربندن ڦر جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪري زخمي ڪيو آهي.
ڳوٺاڻن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي، ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته ضلعي اندر وڌندڙ بدامني کي ٻنجو ڏئي امن قائم ڪرايو ويو ۽ ڦر جي ڪوشش ڪندڙ هٿياربندن کي زخمي ڪندڙ کي گرفتار ڪيو وڃي………- Advertisement -
