تازه ترين

جيڪب آباد ۾ حسينا کوسو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شهرين طرفان احتجاجي مظاهرو

جيڪب آباد ۾ ايڪشن ڪاميٽي پاران 9ڏينهن اڳ زيادتي بعد قتل ٿيل حسينا کوسو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شهرين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي .

عابد سنڌي، عيد محمد ڊومڪي، عبدالنبي لاشاري، ھارون الرشيد سومرو، ممتاز ٻرڙو خالد ڪٽبار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد الله بخش سومرو پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي .

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 10ورهين جي نياڻي کي جنسي ڏاڍائي ۽ تشدد ڪري قتل ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري کين ڦاهي ڏني وڃي.

هنن چيو ته ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ بدامني جي باهه ٻري پئي آهي، ڌاڙيلن خلاف هن وقت تائين ڪوبه اثرائتو آپريشن ناهي ٿيو. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته حسينه کوسو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري، پريا ڪماري سميت جيڪب آباد مان اغوا ٿيل معصوم نويد لاشاري کي بازياب ڪرايو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
33 %
2kmh
0 %
آچر
26 °
سُومر
26 °
اڱارو
24 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون