جيڪب آباد ۾ نينگر راند ڪرڻ دوران واهه ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو.
آدم ٽائون ۾ 6 سالن جو صابر علي واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، جنهن کي واهه مان ڪڍي سول اسپتال آندو ويو.
سول اسپتال جي ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نينگر جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.