- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن پ پ ڪراچي مان 20 قومي اسيمبليءَ جون سيٽون کٽيون ته شهر جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيندا.
ڪراچي جي علائقي ڪياماڙي ۾ ڪي پي ٽي گرائونڊ تي ريلي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن ڪراچي جا ماڻهو سندس نمائندن جي چونڊ ڪرائيندا ته پوءِ مڪاني ادارن کانپوءِ صوبائي حڪومت به سندن هٿ ۾ هوندي، عوامي ووٽ سان وفاقي سرڪار به سندن ٿي ويندي.
هن چيو ته ڪراچي جا شهري 20 سيٽون پ پ کي ڏيارين پوءِ پنجن سالن دوران شهر جو نقشو تبديل ڪيو ويندو، هو وفاق ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪري ڪراچي شهر ۾ تاريخي ڪم ڪندا.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي صوبائي ڪابينا ۾ ڪراچي شهر کي سندن حق ڏنو ويندو ۽ گڏجي شهر جي خدمت ڪئي ويندي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيالا ڪراچي واسين کي سمجهائين ته ورهائڻ ۽ نفرت جي سياست ڪندڙن کي ووٽ نه ڏين ڇو ته شهرين کي ڪو مذهب ته ڪو لسانيت جي بنياد تي ورهائڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته عوام 8 فيبروري تي تير تي ٺپو هڻي سمورن عنصرن کي جواب ڏي ته نفرت ۽ تشدد جي سياست قبول ناهي.
سندس چوڻ هو ته پ پ کانسواءِ ٻيون پارٽيون پنهنجي مقصد لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺي رهيون آهن.
لياري ۾ پ پ جي ريلي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لياري جو عوام وفادار ۽ بهادر آهي، عام چونڊن ۾ پ پ اميدوارن کي ووٽ ڏيندو.
هن چيو ته ٻيون سياسي پارٽيون ذاتي دشمني تي لهي آيون آهن، هو نفرت ۽ ورهائڻ جي سياست ختم ڪرڻ جا خواهشمند آهن.
سندس چوڻ هو ته ٻيا سياستدان پوڙها ٿي چڪا آهن، ڪم نه ڪري سگهندا،8 فيبروري تي ڪراچي ۾ تيرن جي برسات ٿيندي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انشاءَ الله صوبي ۽ وفاق ۾ پ پ جي حڪومت هوندي، ملڪ ۾ معاشي انقلاب آندو ويندو.- Advertisement -
