مسلم ليگ نون جي اڳواڻ طارق فضل چوڌري چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن اسلام آباد تي چڙهائي جو سوچيو ته نتيجا ڀوڳڻا پوندا، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير، اسلام آباد تي چڙهائي جي ڳالهه ڪهڙي حيثيت ۾ ڪري رهيو آهي؟، مسلم ليگ نون ناڪاري سياست تي يقين نٿي رکي، ڪنهن به مسئلي جو حل سياست ۾ ڊائيلاگ سان ئي ممڪن آهي، ادارن خلاف ڳالهائڻ ۽ گارگند ڪلچر جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، ڳالهين جي ڳالهه کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طارق فضل چوڌري چيو ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير، اسلام آباد تي چڙهائي جي ڳالهه ڪهڙي حيثيت ۾ ڪري رهيو آهي؟.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن اسلام آباد تي چڙهائي جو سوچيو ته نتيجا ڀوڳڻا پوندا، مسلم ليگ نون ناڪاري سياست تي يقين نٿي رکي.
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ طارق فضل چوڌري چيو ته ڪنهن به مسئلي جو حل سياست ۾ ڊائيلاگ سان ئي ممڪن آهي، ادارن خلاف ڳالهائڻ ۽ گارگند ڪلچر جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، ڳالهين جي ڳالهه کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي……….