تازه ترين

جي يوآءِ طرفان عام چونڊن جا نتيجا رد ڪندي حڪومت بدران مخالف ڌر ۾ ويهڻ ۽ تحريڪ هلائڻ جو اعلان

- Advertisement -
جي يوآءِ طرفان عام چونڊن جا نتيجا رد ڪندي حڪومت بدران مخالف ڌر ۾ ويهڻ ۽ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو جڏهن  مسلم ليگ ن کي به اپوزيشن ۾ ويهڻ جي دعوت ڏني وئي آهي،  فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته عام چونڊن کي يرغمال ڪري ڌانڌليءَ جا رڪارڊ قائم ڪيا ويا آهن،  لڳي ٿو ته هاڻي فيصلا پارليامينٽ ۾ نه پر ميدان ۾ ٿيندا، جي يو آءِ حڪومتي اتحادي ناهي، هو  شهباز شريف کي ووٽ نه ڏيندا، اسٽيبلشمينٽ سمجهي ٿي ته عام چونڊون درست ٿيون آهن ته 9 مئي بابت موقف دفن ٿي چڪو آهي،  اسيمبلين ۾ خدشن سان شرڪت ڪئي ويندي، پارٽيءَ جي فيصلي ۾ ڪنهن به قسم جي نظرثاني جي گنجائش ناهي، هو مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي فيصلن جا پابند نه آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته عام چونڊن جا نتيجا رد ڪري اليڪشن ڪميشن تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي پر جي يو آءِ پارليامينٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ۽ خدشن سان شرڪت ڪندي. هن چيو ته جي يو آءِ سان ڌانڌلي اسلام دشمن طاقتن جي اشاري تي ڪئي وئي آهي،  هنن افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو ڇا اهو سندن ڏوهه آهي. سندس چوڻ هو ته جي يو آءِ هڪ نظرياتي پارٽي آهي، جيڪا ملڪي معاملن تي سوديبازي نه ڪندي،  هو پنهنجي عظيم مقصد لاءِ تحريڪ هلائيندا، اليڪشن ڪميشن جو ڪردار پهرين ڏينهن کان ئي شڪي آهي. فضل الرحمان چيو ته اسٽيبلشمينٽ جيڪڏهن سمجهي ٿي ته عام چونڊون درست ٿيون آهن ته 9 مئي واقعن بابت  موقف ختم ٿي ويو آهي. هن چيو ته نتيجا ٻڌائي رهيا آهن ته وڏي رشوت ورتي وئي آهي، نواز شريف کي دعوت آهي ته ساڻن گڏجي مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪري. سندس چوڻ هو ته سندن اميدوارن ۽ ڪارڪنن کي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون آهن، ڪيترن ئي علائقن ۾ پوليس اهلڪارن کي به يرغمال بڻايو ويو آهي. فضل الرحمان چيو ته ڇڪتاڻ واري حالت ۾ چونڊون ڪرايون ويون، هنن چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پر ڪنهن ڳالهه ئي نه ٻڌي، هاڻي ڪنهن سان ڳالهيون نه ٿينديون، پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ سموري ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ سان سندن جسمن نه پر دماغي جهيڙو آهي، جيڪڏهن دفاع ٺيڪ ٿي وڃن ته ٺاهه ٿي سگهي ٿو،  هو ڪنهن به پارٽي جا اتحادي نه آهن. سندس چوڻ هو ته پ پ  ۽ مسلم ليگ ن جي فيصلن تي عمل ڪرڻ جا پابند نه آهن. فضل الرحمان چيو ته لڳي ٿو ته هاڻي فيصلا پارليامينٽ نه ميدان ۾ ٿيندا، هو اسيمبلي ۾ رهندا ۽ احتجاجي تحريڪ به هلندي رهندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
31 %
3.8kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون