جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومري چيو آهي ته سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا هڻندڙ حڪمران عوام کي اجهو لٽو ڏيڻ بجاءِ وسيلا وڪڻي رهيا آهن، ٿر ۾ ڪاري سون جا مالڪ ٿر واسي اٽي لاءِ به پريشان آهن.
مولانا راشد محمود سومري ننگرپارڪر ۾ دفاع ڪارونجهر جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا حڪمرانن هٿرادو مهانگائي ڪري غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته ڪارونجهر جبل کي ڪنهن به قيمت تي وڪرو ڪرڻ اجازت نه ڏيندا، جيڪڏهن اهو نوٽيس واپس نه ورتو ويو ته وزير اعليٰ هائوس جو گهيراءُ ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي عوام کي نوڪرين ۽ روڊ، رستن جي لالچ مان نڪري سنڌ کي واڳن جي وات مان ڇڏائڻو پوندو.
مولانا راشد محمود سومري چيو ته سنڌ جي بجيٽ تي کربين رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن پر تعليم صحت سميت ڪا به سهوليت ميسر ناهي.
هن چيو ته مٺي ۾ ايشيا جو وڏي ۾ وڏو آر او پلانٽ ناڪاره بڻجي چڪو آهي ۽ ملازم پگهارون نه ملڻ ڪري روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي مولانا فتح محمد مهيري، مولانا محمد عيسيٰ سمون، مولانا عزيزالله ساند، سليم سنڌي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.