تازه ترين

جي ڊبليو سي طرفان تنظيم جو دائرو وڌائڻ ۽ هيلپ سينٽر قائم ڪرڻ جو اعلان

صحافين ليکڪن ۽ سول سوسائٽي جي تنظيم جي ڊبليو سي غريبن بي پهچ ماڻهن ۽ لاوارثن جي وارث بڻجن جو وچن ڪندي تنظيم جو دائرو تعلقي سطح تائين وڌائڻ ۽ هر تعلقي ۾ بي پهچ ماڻهن جي مدد لاءِ هيلپ سينٽر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته نئين باڊي جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.

صحافين ليکڪن ۽ سول سوسائٽي جي تنظيم جرنلسٽس رائٽرس سول سوسائٽي فار ٽرٿ اينڊ پيس جي ڊبليو سي جو ساليانو اجلاس حيدر آباد ۾ ٿيو .

اجلاس ۾ سڄي سنڌ مان آيل ضلعي ۽ مرڪزي عهديدارن توڙي سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ عورتن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ تنظيم جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي، عوام جي ڪيل مدد ۽ عوامي موٽ توڙي مستقبل ۾ عوامي خدمت جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪري ايندڙ وقت جي حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس ۾ جي ڊبليو سي طرفان گذريل ٻن سالن دوران مظلوم ۽ بي سهارا ماڻهن، نياڻين توڙي عورتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين سميت آيل ٻوڏ ۾ ٿيل تباهڪاري دوران متاثر ماڻهن جي ڪيل مدد بابت تيار ڪيل رپورٽ جي اسڪريننگ پڻ ڪئي وئي.

اجلاس ۾ چيو ويو ته جي ڊبليو سي هڪ اهڙي غير سياسي تنظيم آهي جنهن ٻن سالن جي تمام ٿوري عرصي اندر بغير ڪنهن مدد ۽ فنڊنگ جي خالي هٿين غريبن، بي پهچ ماڻهن جي جيڪا مدد ڪئي آهي اهو ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ ٽي وي نيوز جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر ڳالهائيندي چيو ته جي ڊبليو سي جي ٽيم ٻن سالن ۾ بنا ڪنهن مالي مدد جي جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو هڪ ڪرشمو آهي.

هن چيو ته اصل سگهه عوام آهي جيڪو اڄ به ننڌڻڪو، بي يارو مددگار، لاوارث ۽ ظلم جو شڪار آهي.

ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر چيو ته جي ڊبليو سي کي هيٺين پيڙهيل ۽ بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪرڻي آهي عوام کي پنهنجن حقن بابت شعور پيدا ڪرڻو آهي.

سندس چوڻ هو ته عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ هيٺين طبقي جي مدد ڪري کين اڳتي آڻڻ سان ئي سماج ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي.

ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر چيو ته معاشري جي سگهه هيٺيون پورهيت، مزدور ۽ غريب طبقو آهي جن جي محنت سان ئي ڪم ڪار جو چرخو هلي رهيو آهي کين ان هيٺين طبقي جو آواز بڻجي سندن حالت بدلائڻي پوندي.

هن چيو ته جي ڊبليو سي فاطمه ڦرڙو، ناظم جوکيو، اجمل ساوند جهڙن معاملن تي آواز اٿاري عوام ۾ اتساهه پيدا ڪيو ۽ عوام سچائي واري جذبي کي سٺي موٽ ڏيندي وڏي تعداد ۾ جي ڊبليو سي جو ساٿ ڏنو، جنهن ڪري جي ڊبليو سي هر ميدان ۾ ڪامياب ٿي. ايندڙ وقتن ۾ تمام گھڻا چيلينجز آهن پر اسان جي اهڙي طرح متفق رهياسين ۽ سچائي سان پنهنجي قوم جي مدد لاءِ جاکوڙ ڪئي سين ته پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ماڻي سگھون ٿا.

اجلاس دوران نئين چونڊجي آيل باڊي جو اعلان ڪيو ويو جنهن موجب شوڪت نوناري صدر، ذوالفقار خاصخيلي جنرل سيڪريٽري، نظير پنهور سينيئر نائب صدر، مير مظهر ٽالپر نائب صدر (سول سوسائٽي) شاهده راڄپر نائب صدر (ليڊيز ونگ) ظفر ابڙو جوائنٽ سيڪريٽري، سبين ميمڻ فنانس سيڪريٽري، ظفر هڪڙو انفارميشن سيڪريٽري چونڊيا ويا.

چونڊيل باڊي جي عهديدارن کي ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر قسم کڻايو، جڏهن ته ٻين ميمبرن کي جي ڊبليو سي جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار خاصخيلي قسم کڻايو.

چونڊيل عهديدارن ۽ ميمبرن قسم کڻندي وچن ورجايو ته هو پنهنجي غريب، بي سهارا، مظلوم عوام جي بنا ڪنهن لالچ يا مفاد جي مدد ڪندا.

اجلاس ۾ شعيب قريشي، شڪيل سومرو، ڪاشف نظاماڻي، مير مظهر ٽالپر، اظهار سومرو، شاهده راڄپر، سبين ميمڻ، اڪبر لاشاري، مير ذوالفقار، انيلا، اظهر گل سرڪي، ولي چانڊيو، شڪور ميمڻ، نياز چنو ۽ ٻين جي ڊبليو سي جي تنظيم سازي ۽ ٻين معاملن تي تجويزون پيش ڪيون.

اجلاس ۾ فيصلا ڪيا ويا ته سڄي سنڌ اندر تنظيم سازي ڪري تعلقي سطح تي باڊيون جوڙيون وينديون، فيس بوڪ پيج ۽ ويب سائٽ ٺاهي ويندي، هر تعلقي سطح تي هيلپ سينٽر قائم ڪيا ويندا جنهن ۾ مظلوم ماڻهن جي قانوني مدد ۽ ٻين معاملن تي عوام سان سهڪار ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪراچي ۾ مرڪزي آفيس قائم ڪرڻ سان گڏ مختلف ضلعن ۾ تربيتي ورڪشاپ ڪرايا ويندا….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
moderate rain
12.9 ° C
12.9 °
12.9 °
70 %
4.5kmh
31 %
ڇنڇر
13 °
آچر
16 °
سُومر
18 °
اڱارو
21 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون