- Advertisement -
جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته جي ڊي اي جو احتجاج ۽ ڌرڻو ڪنهن به اداري نه پر چونڊ نتيجن ۽ ڌانڌلي خلاف آهي، پيپلزپارٽي چونڊ نتيجا خريد ڪيا آهن، احتجاج سندن جمهوري ۽ قانوني حق آهي.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري پيرپاڳاري سان راجا هائوس ۾ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران عام چونڊن بعد پيدا ٿيل صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ان موقعي تي جي ڊي اي سربراهه پيرپاڳاري چيو ته پاڪ فوج سندن قومي ادارو، فخر ۽ وفاق توڙي ملڪ جي استحڪام جي علامت آهي، حُر پاڪ فوج سان گڏ هئا، آهن ۽ رهندا.
سندس چوڻ هو ته 16 فيبروري تي جي ڊي اي جو احتجاج ۽ ڌرڻو ڪنهن به اداري نه پر چونڊ نتيجن ۽ ڌانڌلي خلاف آهي.
پيرپاڳاري چيو ته پيپلزپارٽي چونڊ نتيجا خريد ڪيا آهن، احتجاج سندن جمهوري ۽ قانوني حق آهي.
سندس چوڻ هو ته عام چونڊن ۾ ڪهڙي ريت پيپلزپارٽي کي ڌانڌلي جي کليل ڇوٽ ڏني وئي اها ڪنهن کان لڪيل ناهي.- Advertisement -
