آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته جڙانوالا واقعو انتهائي افسوس ۽ برداشت نه ڪرڻ جوڳو آهي، ذميوارن کي قانون کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، اقليتن خلاف عدم برداشت ۽ انتهاپسند واقعن جي ڪابه گنجائش ناهي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، نوجوان سچ، اڌ سچ، ڪوڙ ۽ غلط ڄاڻ جو فرق سمجهن، نوجوان ملڪ ۾ امن، ترقي ۽خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير آءِ ايس پي آر انٽرن شپ پروگرام ۾ خطاب ڪيو.
سندس چوڻ هو ته جڙانوالا واقعو انتهائي افسوس ۽ برداشت نه ڪرڻ جوڳو آهي، ذميوارن کي قانون کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
جنرل عاصم منير چيو ته اقليتن خلاف عدم برداشت ۽ انتهاپسند واقعن جي ڪابه گنجائش ناهي.
هن چيو ته نوجوان سچ، اڌ سچ، ڪوڙ ۽ غلط ڄاڻ جو فرق سمجهن.
پاڪ فوج جي سپهه سالار چيو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي
آرمي چيف چيو ته قومي ترقي ۾ نوجوانن جو ڪردار اهم آهي، اهي ملڪ جو مستقبل آهن.
جنرل عاصم منير چيو ته نوجوان ملڪ ۾ امن، ترقي ۽خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. آءِ ايس پي آر موجب پروگرام ۾ سڄي پاڪستان مان 370 شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي.